شيخ صمد

شيخ صمد

صمد شيخ

صمد شيخ : نامور سنڌي اداڪار ۽ هدايتڪار صمد شيخ، 27 مئي 1937ع تي، محمد عاقل شيخ جي گهر، خيرپور ۾ جنم ورتو. هن مئٽرڪ تائين خيرپور ۾ تعليم حاصل ڪئي، جنهن بعد تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان ملازمت اختيار ڪئي. کيس شاگرديءَ واري دور کان وٺي اداڪاري جو شوق هو. انهي شوق سبب خيرپور مان بدلي ڪرائي ڪراچيءَ ويو. جتي اداڪاريءَ جي شوق سبب شيخ حسن سان گهڻو ويجهو رهيو، جنهنڪري کيس شيخ حسن جي شاگرد طور سڃاتو وڃي ٿو. هي ڪراچي ۾ نوڪريءَ مان واندو ٿي ايسٽرن فلم اسٽوڊيو ويندو هو، جتي کيس 1958ع ڌاري هڪ سرڪاري دستاويزي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. انهي فلم ۾ ڪم دوران سندس وقت جي مشهور فائيٽر استاد رحمان سان ملاقات ٿي. جنهن مٿس شفقت ڀريو هٿ رکي، کيس فائيٽر بڻائي ڇڏيو. هن اردو فلمن ‘آگ ڪا دريا’، ‘شير پنجاب’، ‘عيد مبارڪ’ ۽ ‘فنٽوش’ ۾ اداڪاري ڪئي ۽ فلم ‘پرديسي’، ‘پٿر ڪي صنم’ ۽ ‘جهڪ گيا آسمان’ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيو. سنڌي فلم ‘شهروفيروز’ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪرڻ سان گڏ اداڪاريءَ جا جوهر پڻ ڏيکاريائين. انهي فلم جي ڊبنگ جو جڏهن وارو آيو، تڏهن مختلف فنڪارن کان ڊبنگ به هن ڪرائي. هي فلمي ايڊيٽنگ جو پڻ ماهر آهي. 1970ع ۾ ‘نوري ڄام تماچي’ فلم ٺهي ته ان ۾ ‘ولن‘ جو ڪردار ادا ڪيو. انهي ڪردار سان ڀرپور نموني نڀائڻ سبب کيس تمام گهڻي شهرت ملي. هن غلام حيدر صديقيءَ جي فلمن: ‘گهونگهٽ لاهه ڪنوار’، ‘بادل’ ۽ ‘البيلي’ ۾ معاون جي حيثيت سان ڪم ڪيو. جميل مرزا جي فلم ‘سنڌڙيءَ تان صدقي’ ۾ به هن بهترين ڪردار ادا ڪيو. هدايتڪار طور هن پهريون دفعو ‘دوستن جو پيار‘ فلم جي هدايتڪاري ڪئي، جنهن بعد ‘قسمت’، ‘جاهل’، ‘گهاتو گهر نه آيا’ ۽ ‘همت’ فلم جي هدايتڪاريءَ جا فرائض انجام ڏنا. ان کان سواءِ ڪجهه پشتو فلمن ۾ به ڪم ڪيائين. نوڪريءَ تان رٽائر ٿيڻ بعد ‘مورک’ نالي فلم ٺاهي، پر اها ڪامياب نه ٿي سگهي. جنهن بعد هن اشفاق احمد جي فلم ‘حاڪم خان‘ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو، جنهن جي فلمي دنيا ۾ گهڻي تعريف ٿي. سنڌي فلم انڊسٽريءَ جي ناڪاميءَ بعد هن ڪجهه دوستن سان گڏجي سنڌي بلوچي وڊيو فلمون ٺاهڻ جو آغاز ڪيو. سندس وڊيو فلمن ۾ ‘انصاف ڪٿي آ’، ‘هاري’، ‘زندگي ’ ۽ ‘واهه تنهنجي دوستي’ گهڻيون مقبول ٿيون. هن وقت فلم يا ڪنهن ڊرامي ۾ نظر نه ٿو اچي.


لفظ صمد شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.05.27  عيسوي

صمد شيخ، 27 مئي 1937ع تي، محمد عاقل شيخ جي گهر، خيرپور ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جمعو خان غريب
صدرالدين شاهه مولانا
خيرو اوٺوال
ڀٽ برڌ واگهه
سنت بابا هريرام
چنڙ بشير احمد ڊاڪٽر
جعفر شاهه مورائي
جارج اسٽئڪ ڪئپٽن
ميان الياس محمد ڪلھوڙو
الهه بخش سگهڙ 1
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون